جمعو شيدي

جمعو شيدي

جمعو شيدي 2

جمعو شيدي2 ( ملهه پهلوان ):سنڌ جي هن ڀلوڙ ملهه پهلوان جو اصل ڳوٺ ٽنڊو ڄام آهي . ملهه سکڻ جو شوق هن کي ملهه پهلوانن کي ڏسندي پيدا ٿيو . بعد ۾ هن به ملهه سکڻ شروع ڪئي . سڀ کان پهرين هن پهلوان استاد آبو ٻتڙ کان شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌايو ۽ ٻئي جوڙ کان ملهه وڙهندو رهيو . هي پهلوان لاڙ جي طرف کان ملهه وڙهندو هو ۽ لاڙ جي ملهن ۾ تمام مشهور هو . آخر ۾ هي پهرين جوڙ ۾ ملهه وڙهندو هو . سن 1922ع ڌاري هن پهلوان جو ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ميرن جي هڪ ملاکڙي ۾ وڃڻ ٿيو . هن سان گڏ ان وقت لاڙ جا ٻيا ٻه مشهور ملهه ، فقيرو ، ڪوٽڙيءَ وارو ۽ والو شيدي ، حيدرآباد وارو گڏ هئا . هي ٽئي پهلوان جڏهن ڪوٽ ڏيجيءَ ويجھو پهتا ته رستي ۾ هنن جي ملاقات هڪ پيرسن عورت سان ٿي . هن عورت جي باري ۾ اهو مشهور آهي ته هوءَ سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ هئي . هنن ٽنهي پهلوانن پاڻي پيڻ جي خيال سان هن پوڙهيءَ جي گهر صدا هنئي . چون ٿا ته پوڙهي هنن کي پاڻي به پياري رهي هئي ته عجيب احساس ڀرين نظرن سان ڏانهن ڏسندي به ٿي رهي . ان ڳالهه کي محسوس ڪندي جمعي ڄامائي پوڙهيءَ کان پڇيو امان! تون اسان ڏانهن اهڙين نظرن سان ڇو ڏسي رهي آهين؟ مائي جواب ڏنو ته :ابا! منهنجو ٻچڙو به اوهان جهڙو ئي پهلوان آهي ، مگر هن وقت هو ’ڏيجي جي ڪوٽ ‘ تي چڙهيل آهي . هيءَ سزا خيرپور رياست ۾ تمام سخت هوندي هئي ۽ ان لاءِ اڪثر چيو ويندو آهي ته اها عمر قيد جي سزا هوندي آهي . هنن پهلوانن مائيءَ سان انجام ڪيو ته امان! دعا ڪجئين ته شل فتح ٿئي ته تنهنجو پٽ اسان مير صاحبن کان انعام جي بدلي ۾ ڇڏائي اينداسين .
مائيءَ کان موڪلائي ، هي ٽيئي پهلوان ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ميرن جي بنگلي تي پهتا ۽ ملاکڙي ۾ شرڪت ڪيائون . ملاکڙي ۾ جمعي ڄامائيءَ جو مقابلو انهيءَ وقت جي اتر جي هڪ مشهور ملهه ولو شيخ سان ٿيو ۽ انهيءَ ملاکڙي ۾ جمعي شيديءَ کي ڪاميابي نصيب ٿي . مير صاحبن خوشيءَ ۾ کيس انعام ڏيندي چيو ته ” پهلوان! ٻڌاءِ ته تو کي ڇا گهرجي؟ پهلوان هٿ ٻڌي عرض ڪيو: قبله! گستاخي معاف ٿئي ته هڪ عرض ڪريان؟ مير صاحبن چيو ته: ” گهُر جيڪي گهرڻو هجيئي؟ “ پهلوان پنهنجي وعدي موجب پوڙهيءَ جي پٽ جي آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو ۽ مير صاحبن به پنهنجي انجام موجب جمعي جي اها خواهش پوري ڪئي . جمعي اچي پوڙهيءَ وٽ سندس پٽ کي حاضر ڪيو .
جمعو ڄامائي مير شير محمد خان ’شير ‘ ( ٽالپر ٽنڊي ڄام واري ) جو پهلوان سڏبو هو . پاڻ هڪ غريب مزدور گهراڻي جو چشم و چراغ هو . جمعي ڄامائي پنجاهه سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي . سندس معاش جو ذريعو ڪارب سان ڪچيون سرون ٺاهڻ هو . سندس وفات جو سن 32-1930 چيو وڃي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو